پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو مسجد جي اڱڻ ۾ قتل

جهلم (ويب ڊيسڪ) جهلم ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي مسجد جي احاطي ۾ قتل ڪيو ويو.
جهلم جي تعلقي پنڊ دادن خان جي ڳوٺ ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، لاشن جي سڃاڻپ رحمان رسول ۽ صفيا جي نالن سان ٿي.
پوليس موجب صفيا ڪجهه ڏينهن اڳ رحمان سان پسند پرڻو ڪيو هو ۽ ٻئي گهرن مان ڀڄي ويا هئا پر ناري جي گهر ڀاتين ٻنهي کي صلح جو پيغام موڪليو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ناريءَ جي گهر ڀاتين جوڙي کي ٺاهه جي بهاني گهر گهرايو ۽ ٻنهي سان ڏند چڪ ڪئي، جنهن تي نئون جوڙو خوف ۾ ڀڄي ويو ۽ انهن مسجد ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ناري جي گهر ڀاتين مسجد جي احاطي ۾ فائرنگ ڪري ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
پوليس موجب واقعي جو اطلاع هڪ ڌنار ڏنو، پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا ۽ واقعي جي حوالي سان شاهديون گڏ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.