خالصتان تحريڪ به فلسطينين جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي

اسرائيل جي 12 ڏينهن کان جاري وحشياڻي بمباري مان متاثر مظلوم فلسطينين جي مدد لاءِ خالصتان تحريڪ جو حامي گروپ به ميدان ۾ اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائلي جي غزا تي 12 ڏينهن کان جاري وهشياڻي بمباري سڄي غزا پٽي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب غزا تي اسرائيلي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ جتي سڄ دنيا ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ اعلان ڪيا پيا وڃن اتي ئي ڀارت مان عليحدگي جي تحريڪ هلائيندڙ تنظيم ”خالصتان“ به ميدان ۾ اچي وئي آهي ۽ ان 21 هزار ڊالرز جو امدادي سامان غزا لاءِ روانو ڪري ڇڏيو آهي.
اهو سامان سک فار جسٽس گذريل ڏينهن ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا جي گرونانڪ گردواري طرفان گڏيل قومن جي اداري جي حوالي ڪيو ويو.
سک فار جسٽس فلسطينين جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 21 آڪٽوبر تي ”ڪئناڊا ٽو فلسطين، شٽ ڊائون انڊين ٽيرر هائوسز“ ملهائڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
سک فار جسٽس نالي گروپ جي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پنون امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي چيو ته سکن ۽ فلسطينين جي تڪليف هڪ جهڙي آهي ٻئي ناجائز قبضي هيٺ آهن ۽ جبري لڏ پلاٽ برداشت ڪري رهيا آهن.
سک فار جسٽس گڏيل قومن جي جنرل ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطينين ۽ سکن جي خود اراديت جي حق کي تسليم ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.