گئس ٽيرف جو برابر نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نان ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ گئس ٽيرف جو برابر نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، جنهن تحت گئس مهانگي ٿيندي.
نان ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ گئس في ايم ايم بي ٽي يو 26 سئو رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سوئي سدرن جي صنعتن لاءِ گئس قيمت 14 سئو رپين تائين في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ٿي سگهي ٿي.
برابر ٽيرف جي نظام سان سوئي سدرن جي نان ايڪسپورٽ انڊسٽريءَ لاءِ گئس سستي ٿيندي، جنهن سان سوئي ناردرن جي انڊسٽري کي گئس في ايم ايم بي ٽي يو 3340 رپين ۾ ملندي.
نان ايڪسپورٽ انڊسٽري کي هن وقت گئس 3650 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ملي رهي آهي.
آءِ ايم ايف به سڄي ملڪ جي نان ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ برابر ٽيرف نظام لاءِ تجويز ڏني آهي، برابر ٽيرف نظام لاءِ سمري ايندڙ اي سي سي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.