ڀارتي ڪپتان روهت شرما تي ڏنڊ لڳي ويا!

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما کي گاڏي تيز رفتاري سان هلائڻ تي هڪ ڌڪ سان ٽي ڏنڊ لڳي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي  ممبئي پوني ايڪسپريس وي تي گاڏي تيز رفتاري سان هلائڻ تي ٽي ٽريفڪ چالان ڪيا ويا.

اِهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ته ڀارتي ٽيم جو ڪپتان خميس ڏينهن بنگلاديش خلاف ميچ لاءِ پوني ۾ ٽيم کي جوائن ڪرڻ وڃي رهيو هو.

رپورٽ موجب، روهت شرما ٻه سئو ڪلوميٽر بي ڪلاڪ جي رفتار سان گاڏي هلائي رهيو هو، روهت شرما کي غير ذميواري ۽ لاپرواهي سبب ٽي آن لائين ٽريفڪ چالان جاري ڪيا ويا.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پوائنٽس ٽيبل تي ڀارتي ٽيم ڇهه پوائنٽس سان سرفهرست آهي.

ڀارت عالمي ڪپ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ سڀاڻي بنگلاديش خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.