پاڪ-ڀارت ميچ دوران مذهبي نعريبازي، پي سي بي جي آءِ سي سي کي شڪايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) احمد آباد ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ميچ دوران تماشائين جي ” اڻوندڙ رويي “ تي آءِ سي سي سان شڪايت ڪري ڇڏي.

احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ تماشائي ميچ ڏسڻ لاءِ موجود هئا جن ۾ اٽڪل سڀئي ڀارتي ٽيم جا سپورٽر هئا.

اڱاري جي ڏينهن پي سي بي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستاني صحافين کي اڃا تائين ڀارتي ويزائون جاري نه ڪرڻ وارو معاملو به آءِ سي سي آڏو اُٿاريو ويو آهي.

ترجمان 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران پاڪستاني رانديگرن سان اڻوندڙ رويي واري معاملي تي شڪايت پڻ ڪئي آهي.

واضح رهي ته احمد آباد ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران محمد رضوان جي آئوٽ ٿيڻ ۽ پويلين موٽڻ دوران ڪجهه تماشائين طرفان مبينا طور ” جئه شري رام “ جا نعرا هنيا ويا هئا.

ياد رهي ته احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ ڀارت پنهنجي کٽڻ جي روايت برقرار رکندي پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي اِها ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڀارت جي پاڪستان خلاف لڳاتار اٺين ڪاميابي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.