ورلڊڪپ: آسٽريليا خلاف شاهين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ وسيم اڪرم جو اهم مشورو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي اهم مشورو ڏنو آهي.

شاهين آفريدي هنيئر تائين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 دوران ٽن ميچن ۾ 34.75 جي ايوريج سان چار وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته سندس اڪانومي ريٽ ڇهه ڏهائي 31 رهيو .

اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم هلندڙ عالمي ڪپ ۾ هنيئر تائين متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ شاهين آفريدي کي مشورو ڏيندي چيو ته شاهين سٺي بالنگ ڪري رهيو آهي، سندس اعتماد ٿورو گهٽيو آهي پر هو وڪيٽ وٺن وارو بالر آهي.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته جيڪڏهن شاهين کي وڪيٽ نٿي ملي ته هو نارمل رهي ۽ ڪجهه غيرمعمولي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، مون کي يقين آهي ته هڪ سٺو اسپيل ۽ نئين بال سان وڪيٽون سندس اعتماد بحال ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.