فلسطين جي حمايت تي ڊِچ فٽبالر کي ٽيم مان نيڪالي

برلن ( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۽ اسرائيل ۾ جي ويڙهه جي حوالي سان هينئر تائين ڪيئي مشهور شخصيتن طرفان فلسطين جي حمايت ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي بيان جاري ڪيا آهن جنهن سبب ڪٿي ڪن جي جرئت کي ساراهيو پيو وڃي ته ڪٿي سندس خلاف ڪارروايون شروع ٿي چڪيون آهن.

نيڌرلينڊز جي فٽبالر انوار الغازي کي به جرمني جي فٽبال ڪلب ان وقت معطل ڪري ڇڏيو جڏهن هن فلسطين بابت پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سندن حمايت ڪئي.

جرمن ڪلب مينز زيرو فائيو فلسطين جي حمايت ۾ پوسٽ کي ناقابل قبول قرار ڏيندي کيس معطل ڪري ڇڏيو .

واضح رهي ته فٽبالر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ ڪئي هئي جنهن جي آخر ۾ هن ”فلسطين آزاد ٿيندو“ لکيو هو.

جرمن ڪلب سندس پوسٽ کي ڪلب جي ظابطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

ياد رهي ته جرمني ۾ فلسطينن ۽ سندن حامين مُلڪ ۾ فلسطينن جي حق ۾ آواز اُٿارڻ تي پابندي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته جرمنيءَ ۾ فلسطينن جي حق ۾ مظاهرن تي به بندش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.