آسٽريليا خلاف اهم ميچ، رميز راجا جو پاڪستان ٽيم ۾ هڪ تبديلي جو مشورو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) رميز راجا آسٽريليا ميچ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ هڪ ڦيرڦار جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر رميز راجا بئنگلورو ۾ ويهه آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف پاڪستان جي ايندي ميچ کان اڳ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجا حالتن پٽاندڙ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي اهيمت تي زور ڏنو ۽ مشورو ڏنو ته بئنگلورو ۾ بيٽنگ لائين ڪنڊيشن سازگار آهي انڪري پاڪستان کي هڪ ماهر جي حق ۾ آل رائونڊر جي قرباني ڏيڻ تي غور ڪرڻ کپي.

هن چيو ته سندس خيال ۾ پاڪستان ٽارگيٽ چيز ڪرڻ چاهيندو خاص ڪري آسٽريليا خلاف گرين شرٽس هدف حاصل ڪرڻ چاهيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.