ڀارت ۾ فلم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي گار ڏيڻي پوندي آهي: فيصل قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪار فيصل قريشي بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب بالي ووڊ جي پاڪستان مخالف پروپيگينڊا کي قرار ڏئي ڇڏيو.
تازو ئي اداڪار فيصل قريشي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان اداڪار کان بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب پڇيو؟
ان جي جواب ۾ اداڪار ٻڌايو ته بالي ووڊ سان منهنجي نالي لڳندي ڇو جو منهنجي دل ۾ جيڪو آهي ان جو آئون اظهار ڪري ڇڏيان ٿو، منهنجي انهيءَ عادت جي ڪري منهنجا ڀارتي مداح مون کان ناراض به ٿي ويندا آهن.
فيصل قريشي چيو ته جيڪڏهن هن وقت ڪنهن به اداڪار کي ڀارت ۾ پنهنجي فلم هٽ ڪرڻي آهي ته پاڪستان گار ڏيڻي پوندي، شاهه رخ خان جي فلمن کي پاڪستان ۾ هر قسم جي سپورٽ ملي پر پوءِ شاهه رخ خان به اهو ئي ڪيو.
اداڪار وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ فلمز هٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي خراب ڪريو اوهان آءِ ايس آءِ کي خراب ڪريو، اهي ئي اُهي شيون آهن جنهن سان اداڪار ڀارت ۾ نالو ڪمائي سگھي ٿو پر اهي سڀ شيون ڏسي تڪليف ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو سلوڪ ڀارت ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ٿيو پاڪستان ۾ ائين ڪنهن به ڀارتي سان نه ٿيو هوندو ڇو جو پاڪستاني گھر ايندڙن لاءِ دل کولي ڇڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.