حماس سربراهه اسپتال جي حملي جو ذميوار سڌي ريت آمريڪا کي قرار ڏئي ڇڏيو

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا اسپتال تي اسرائيلي بمباري جو ذميوار سڌي ريت آمريڪا کي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اپيل ڪئي ته دنيا اسرائيلي قبضي خلاف اٿي بيهي.
حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا غزا جي اسپتال تي حملي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ان حملي جو ذميوار آمريڪا آهي، آمريڪا اسرائيلي جارحيت کي تحفظ فراهم ڪيو آهي.
هن چيو ته آمريڪا جي ٽيڪ تي اسرائيل گهرن، مسجدن، اسڪولن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪري رهيو آهي، اسان جو دشمن حقيقت ۾ پنهنجي شڪست ڏسي چڪو آهي ۽ وائڙو ٿي ائين ڪري رهيو آهي، ان حملي اسرائيل جي شڪست جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
اسماعيل هانيا سڄي دنيا جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي اسرائيلي قبضي خلاف بيهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.