يوٽيوب ۾ 5 وڏيون تبديليون ڪيون ويون

جيڪڏهن اوهان انٽرنيٽ تي وڊيوز ڏسڻ پسند ڪندا آهيو ته يقينن يوٽيوب جو استعمال به ڪندا هوندا.
سٺي خبر اها آهي يوٽيوب ۾ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن جڏهن ته ان جي ڊزائين کي به بهتر ڪيو ويو آهي.
ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ انهن تبديلين جو اعلان ڪيو ويو.
ڪجهه فيچرز يوٽيوب جي ويب ورجن لاءِ آهن جڏهن ته ٻين سمارٽ فون ايپس ۽ سمارٽ ٽي وي سافٽ ويئر تي ڪم ڪندا.
انهن مان هڪ فيچر پريس ٽو 2X آهي جيڪو وڊيو جي اسپيڊ کي ڊبل ڪري ڇڏي ٿو.
ان لاءِ وڊيو تي پنهنجي آڱر کي دٻائي رکو جنهن سان پلي بيڪ اسپيڊ ڊبل ٿي ويندي، اهو فيچر ويب، ٽيبليٽ ۽ موبائلز لاءِ دستياب هوندو.
اهڙيءَ طرح هڪ نئون فيچر ٿمب نيل پريويو آهي جنهن وڌيڪ وڏا ٿمب نيل پريويو نظر ايندا.
اهو فيچر سمارٽ فون يا ٽيبليٽ ۾ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
هڪ ٻيو بهترين فيچر اسڪرين لاڪ آهي.
لاڪ اسڪرين فيچر جي استعمال سان سمارٽ فون يا ٽيبليت تي اسڪرين لاڪ ٿي ويندي ۽ حادثاتي طور تي ڊوائيس کي ڇُهڻ سان وڊيو متاثر نه ٿيندي.
ان فيچر سان ڊوائيس جو ٽچ فنڪشن ڊي ايڪٽو ٿي ويندو آهي جنهن سان واهپيدار جي اسڪرين کي ڇُهڻ سان وڊيو جي بيهڻ، اسڪيپ يا سجيسٽڊ وڊيو جي سليڪٽ ٿيڻ جي پريشاني نه ٿيندي.
اسٽيبل واليوم نالي فيچر به ان سروس جو حصو بڻجي رهيو آهي.
اهو فيچر ان ڳالهه کي يقيني بنائيندو ته ڪنهن به وڊيو جو سائونڊ اوچتو گھڻو نه وڌي وڃي.
ان سان گڏوگڏ يوٽيوب ۾ لائبريري ٽيب کي ري ڊزائين ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ان کي يو (YOU) جو نالو ڏنو پيو وڃي.
ان ٽيب ۾ پلي لسٽون، ڊائون لوڊز، واچ وڊيوز ۽ پرچيز وغيرا کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو پيو وڃي.
اها نئين تبديلي ويب ۽ موبائل ڊوائيسز تي متعارف ڪرائي پئي وڃي.
ڪمپني موجب اهي نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن تائين واهپيدارن کي دستياب هوندا.
ڪمپني ٻڌايو ته وڌيڪ فيچرز تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته يوٽيوب ڪڊز ايپ کي به ري ڊزائين ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.