ايران، سعودي، فرانس ۽ ڪئناڊا سميت مختلف ملڪن پاران غزا ۾ اسپتال تي حملي جي مذمت

سعودي عرب، ترڪي، ايران، مصر، قطر، اردن، فرانس ۽ ڪئناڊا سميت عالمي برادري طرفان غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي وحشياڻن جنگي ڏوهن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
غزا ۾ اسپتال تي بمباري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڊيڄاري ڇڏيو، هن اسرائيل کي خبردار ڪيو ته اسپتالن ۽ طبي عملي کي عالمي انساني حقن جي قانونن تحت تحفظ حاصل آهي.
ٻي پاسي يورپين يونين جي سربراهه به غزا ۾ شهري بنيادي ڍانچي خاص ڪري اسپتالن کي نشانو بڻائڻ کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
عرب ليگ جي سربراهه غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي چيو ته ڪير ڄاڻي واڻي اسپتال تي بمباري ڪندو آهي.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان به اسپتال تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسپتال تي حملو بنيادي انساني قدرن جي ڀڃڪڙي جو بدترين مثال آهي.
هن چيو ته انسانيت کي غزا ۾ ظلم روڪڻ لاءِ ڪارروائي جي دعوت ڏيون ٿا.
هوڏانهن ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو غزا ۾ اسپتال تي حملي کي ناجائز ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون طرفان غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي مذمت ڪئي وئي آهي هن چيو ته اسپتال ۽ شهرن تي حملن جو ڪو به جواب پيش نٿو ڪري سگھجي.
هن چيو ته ان تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ عزا لاءِ انساني امداد جو رستو فوري طور تي کوليو وڃي.
غزا جي اسرائيلي حملي تي برطانوي پرڏيهي وزير جيمز ڪليورلي جو چوڻ هو ته عزا جي اسپتال حملو تباهه ڪندڙ ۽ انسان حياتين جو زيان آهي، عام شهرين جي حياتين جي حفاظت پهرين ترجيح هجڻ گھرجي.
جيمز ڪليورلي جو چوڻ هو ته برطانوي حڪومت جو ان حوالي سان واضح موقف آهي، برطانيا حملي بابت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ اتحادين سان گڏجي ڪم ڪندو.
ايراني صدر غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ معصوم فلسطينين جي شهادت تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي اسرائيلي بمن جا شعلا اسرائيل کي ڳڙڪائي ويندا.
هوڏانهن سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، اردن ۽ مصر طرفان به غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.
ٻي پاسي عالمي برادري جي ناراضگي ۽ دٻاءَ تي اسرائيل طرفان اسپتال تي حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزا جي اسپتال تي حملي بابت دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ اسپتال اسرائيلي بمباري بدران اسلامي جهاد جي راڪيٽ جو نشانو بڻي پر عالمي ميڊيا اسرائيلي وزيراعظم جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.