پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه کي وڏو رليف ملي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ خديجا شاهه کي جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور تي حملن جي ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ خديجا شاهه جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، فيصلي ۾ عدالت خديجا شاهه جي عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
هوڏانهن لاهور جي ٻه رڪني جناح هائوس حملي ڪيس ۾ به جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.