پاڪستان جي غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کان اسرائيلي بمباري فوري طور روڪرائڻ جي قدمن جو مطالبو ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهو غير انساني عمل آهي، شهري آبادي ۽ سهولتن کي انڌاڌند نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي، جنگي ڏوهن جو حصو آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته عالمي برادري کان غزا تي اسرائيلي بمباري فوري طور روڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.