ڪراچي: پهريون ڀيرو تازي ڄاول ٻار جي دل جي ڪامياب سرجري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪورنگي ۾ پهريون ڀيرو تازي ڄاول ٻار جي دل جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي، ٻار جي آڪسيجن ليول تمام گهٽ هئي ۽ رڳون ابتيون هيون.
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪورنگي جي ڪارڊيولاجسٽ جو ڪارنامو سامهون آيو، 26 ڪلاڪن جي عمر تي ٻڌل ٻار جي دل جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي.
لياقت آباد نمبر 4 جي رهواسي ٻار کي جناح اسپتال مان چائلڊ انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو هو، جتي ٻار جي آڪسيجن ليول تمام گهٽ هئي ۽ ان جون رڳون ابتيون هيون.
دل جي ساڄي خاني مان نڪرندڙ رڳون ڦڦڙن ۾ وينديون آهن ۽ دل جي کاٻي خاني مان نڪرندڙ رڳون رت سپلاءِ ڪنديون آهن پر متاثر ٻار ۾ اهو سسٽم ان جي ابتڙ هو.
آپريشن ۾ بيڪ سائڊ انجيو پروسيجر ذريعي رت جي سپلاءِ ۽ آڪسيجن بحال ڪئي وئي، ٻار جي هڪ ٻي سرجري نجي اسپتال ۾ ڪئي وئي، جتي ٻار صحتياب آهي.
ڊاڪٽر ارجمند شوق ڪارڊيولاجسٽ جو چوڻ هو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪورنگي ۾ پهريون ڀيرو ان نوعيت جي سرجري ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.