توهان ملعون قوم کان ڊڄو ٿا؟ ترڪ اداڪار مڇرجي پيو

انقرا (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافتا ترڪ سيريز ارطغرل غازي ۾ عبدالرحمان غازي جو ڪردار ادا ڪندڙ مشهور ترڪ اداڪار جلال آل اسرائيل جي غزا جي اسپتال تي وحشياڻي حملي کان پوءِ خاموش دنيا کان سوال ڪيو آهي.
خاموشي عالمي برادري ۽ اسلماي رياستن لاءِ جلال انسٽاگرام تي غزا جي اسپتال جي تصوير شيئر ڪندي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اداڪار پنهنجي ترڪي ٻولي ۾ پنهنجو پيغام جاري ڪندي لکيو ته اسرائيل! بس گھڻو ٿيو، ٻين عالمي جنگ جي تاريخ ۾ بي مثال نسل ڪشي ٿي آهي، هزارين بيگناهه ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو.
ترڪ اداڪار اسلامي رياستن کان سوال ڪيو ته ڪٿي آهيو دنيا جون امير ترين رياستون؟ ان نسل ڪشي کي روڪڻ جو ڪڏهن چوندئو؟ ڇا اوهان ان قوم کان ڊڄو ٿا جنهن تي قرآن ۾ لعنت وِڌل آهي؟
هن لکيو ته دنيا خاموش آهي، جينوا ڪنوينشن ڪٿي آهي؟ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪٿي آهن؟ ڪٿي آهن گڏيل قومون؟ ڪٿي آهن انسانيت جا محفافظ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.