پاڪستان جو ابابيل ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ابابيل ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل سسٽم جو مقصد خطي ۾ اسٽريٽيجڪ استحڪام کي وڌائڻ آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ويپن سسٽم لانچنگ کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا، اسٽريٽيجڪ پلانز ڊويزن، اسٽريٽيجڪ فورسز ڪمانڊ جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڏٺو.
آءِ ايس پي آر موجب ان تجربي جو مقصد مختلف ڊيزائن، ٽيڪنيڪي پيرا ميٽرز ۽ هٿيارن جي مختلف نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو.
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ڪامياب تجربي ۾ سهڪار تي سڀني جي ٽيڪنيڪي صلاحيت، لڳاءَ ۽ عزم کي ساراهيو.
ان سان گڏوگڏ صدر ۽ سروسز چيفس به ان ڪاميابي تي اسٽريٽيجڪ فورسز جي سڀني ميمبرن کي مبارڪباد ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.