بل ڀرڻ کان بچڻ لاءِ 20 هوٽلن ۾ هارٽ اٽيڪ جو ڊرامو ڪندڙ شخص گرفتار

يورپين ملڪ لٿوانيا سان واسطو رکندڙ هڪ شخص 20 ريسٽورنٽس ۾ بل جي ادائگي کان بچڻ لاءِ دل جو دورو پوڻ جو ڊرامو ڪيو جنهن کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 50 ورهين جي شخص (جنهن جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو) ڏکڻ اسپين جي سامونڊي علائقي ڪوسٽا بلانڪا جي گھٽ ۾ گھٽ 20 ريسٽورنٽس ۾ کاڌو کائڻ بعد هارٽ اٽيڪ جو ڊرامو ڪيو.
پوليس جڏهن ريسٽورنٽس مئنيجرز کان ان ڊرامي بابت پڇيو ته سڀني جيڪا ڳالهه اها هڪ ئي هئي، ڄاڻايل شخص جي واردات جو طريقو اهو هو ته کاڌو ۽ ڊرنڪس آرڊر ڪري ان کان ئي پوءِ پنهنجي سيني تي هٿ رکي زمين تي ڪِرڻ ۽ بيهوش جي اداڪاري ڪرڻ هو ته جيئن ماڻهو سمجهن ته کيس دل جو دورو پيو آهي.
رپورٽس موجب پوءِ ائين ٿيو جو هڪ هوٽل جي مالڪ کي ان تي شڪ ٿيو جنهن کان پوءِ هن اداڪاري جي وڊيو ٺاهي ۽ تصويرون ٻين ريسٽورنٽس کي موڪليون.
گذريل مهيني سيپٽمبر ۾ اهو شخص ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هسپانوي ٻيٽ تي البيون ريسٽورينٽ ويو ۽ اتي هن شاندار مڇي سان گڏ مهانگا شربت آرڊر ڪيا جنهن بعد اسٽاف جڏهن کيس 37 ڊالرز جو بل ڏنو ته هن اتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو ئي ڊرامو ڪيو.
پر هوٽل جو عملو به هوشيار هو همراهه کي ويٽر سوگھيو ڪري ورتو، هن کان جواب گھريو ويو ته هن چيو ته پنهنجي هوٽل تان رقم کڻڻ وڃي رهيو آهيان جنهن کي کيس هوٽل وارن وڃڻ ڏنو جنهن تي ان وري هارٽ اٽيڪ جو ڊرامو ڪيو.
ان کان پوءِ ان شخص کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو ۽ هاڻ هن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.