ٻار کي ذهين بڻائڻ لاءِ پيءُ کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي پيءُ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ يا ڊرائنگ ۾ مدد ڪري ۽ انهن سان کيڏي اسڪول ۾ ٻارن جي تعليمي سرگرمين کي بهتر بڻائي سگھي ٿو.
ليڊز يونيورسٽي جي سربراهي ۾ ٿيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته ٻار پرائمري اسڪول ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا جيڪڏهن انهن جو پيءُ باقاعدگي سان ٻارن سان پڙهڻ، کيڏڻ، ڪهاڻيون ٻڌائڻ يا ڊرائنگ ۾ هنن سان گڏ وقت گذاريندو.
5 ۽ 7 سالن جي عمر جي ٻارن جي پرائمري اسڪول جي ٽيسٽ جي اسڪور جو تجزييو ڪندي محققن انگلينڊ ۾ تقريبن 5000 گھراڻن جو ڊيٽا استعمال ڪيو جنهن ۾ 2000ع کان 2002ع ۾ ڄاول ٻارن جي وڏي ٿيڻ تائين جو ڊيٽا شامل هو.
تحقيق موجب جيڪو پيئر پنهنجي ٽن سالن جي ٻار سان گڏ باقاعدگي سان ڊرائنگ ڪندا، کيڏندا ۽ پڙهندا هئا، انهن 5 کان 7 سالن جي عمر تائين پنهنجن ٻارن جي اسڪول ۾ ڪارڪردگي تي هاڪاري اثر وڌا.
ليڊز يونيورسٽي بزنس اسڪول جي رسرچ فيلو ڊاڪٽر هيلن نارمن، جنهن ان تحقيق جي اڳواڻي ڪئي، چيو ته مائرون اڃا به سار سنڀال جو ڪردار ادا ڪنديون آهن پر جيڪڏهن پيءُ به سار سنڀال جي سرگرمي ۾ حصو وٺي ته ٻار جي ڪاڪردگي ۾ نمايان اضافو ٿي ويندو آهي جهڙوڪ پرائمري اسڪول اسڪول ۾ امتحانن ۾ سٺن نمبرز سان پاس ٿيڻ. اهو ئي سبب آهي جو ٻار جي زندگي جي شروعاتي مرحلي کان ئي ماءُ سان گڏ ٻارن جي سار سنڀال جي ڀائيواري ڪرڻ لاءِ پيءُ جي حوصلا افزائي ۽ مدد ڪرڻ گھڻو ضروري آهي،.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.