سعود شڪيل ڀارت هٿان شڪست تي مايوس، وڏو بيان ڏئي ڇڏيائين

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل عالمي ڪپ ۾ ڀارت هٿان شڪست تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي سعود شڪيل چيو ته وڏي ميچ هارائڻ تي مايوسي ٿيندي، ڀارت واري ميچ گذري وئي، اِهو برو ڏينهن هو.

هن چيو ته احمد آباد ۾ جيڪو ٿيو اتي ڇڏي چڪا آهيون، نئين حوصلي ۽ اعتماد سان اڳتي ڏسي رهيا آهيون ۽ سمورو ڌيان آسٽريليا خلاف ميچ تي آهي.

مڊل آرڊر بيٽر وڌيڪ چيو ته ايندڙ ميچ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي، آسٽريليا خلاف ميچ کٽي عالمي ڪپ ۾ پوزيشن مضبوط ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.