بي آءِ ايس پي جي نالي تي ٺڳي ڪندڙ ٻه هزار جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بليڪ لسٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عوام سان فراڊ ڪندڙ ٻه هزار عادي جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيا.
پي ٽي اي اختيارين موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي معاوضي جي لالچ ۽ گيم شو ۾ انعامن جو ڏٽو ڏئي شهرين سان ٺڳي ڪندڙ ٻه هزار جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.
پي ٽي اي موبائل ڪمپنين کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته بليڪ لسٽ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن تي اڳتي ڪا به سم جاري نه ڪئي وڃي.
ان حوالي سان پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سال فراڊ بابت 15 هزار شڪايتون وصول ٿيون، گهڻي ڀاڱي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ گيم شوز جي حوالي سان هيون، جن مان 99 سيڪڙو شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو.
پي ٽي اي عوام کي غير قانوني لون ايپس کان محتاط رهڻ ۽ مالي فراڊ جي حوالي سان شڪايتون لاڳاپيل ادارن تائين پهچائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پي ٽي اي چيو آهي ته مالي فراڊ ٿيڻ تي ماڻهو اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي ضرور شڪايت ڪن، فراڊ بابت شڪايت ملڻ تي شروعاتي طور تي لاڳاپيل فون ۽ نمبر بلاڪ ڪيو ويندو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا فراڊ ۾ ملوث هجڻ تي لاڳاپيل سڃاڻپ ڪارڊ تي جاري سمون بلاڪ ۽ آخري مرحلي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ بليڪ لسٽ ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.