بابر اعظم پنهنجي ڀارتي مداح کي خوش ڪري ڇڏيو!

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ آل رائونڊر محمد نواز ڀارتي شهري جي خواهش پوري ڪري ڇڏي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڱاري تي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ لاءِ بئنگلورو جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ آپشنل ٽريننگ سيشن ڪيو.

ان دوران ڀارتي شهري پرانوو پاڪستاني ڪرڪيٽرز کان آٽو گراف وٺڻ لاءِ چنا سوامي اسٽيڊيم پهتو.

ذريعن موجب، پرانوو پاڪستاني آل رائونڊر محمد نواز ۽ ڪپتان بابر اعظم جي شرٽس تي سائن جو خواهشمند هو.

ان کانسواءِ پرانوو بابر جي ڊيبيو ميچ جي ٽڪيٽ تي به آٽو گراف وٺڻ چاهي پيو.

پرانوو ٻڌايو ته 2016ع ۾ گڏيل عرب رياستن ۾ پاڪستاني پليئرز سان ملاقات ٿي هئي، پاڪستاني پليئرز سان ملي سدائين سٺو لڳو آهي.

پريڪٽس سيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم ڀارتي شهري پرانوو سان ملاقات ڪئي ۽ سندس خواهش پوري ڪندي شرٽ ۽ ٽڪيٽ تي آٽو گراف ڏنو.

ان کانپوءِ محمد نواز پڻ پرانوو جي خواهش پوري ڪندي شرٽ تي سائين ڪيو ۽ ساڻس تصوير ڪڍرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.