غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزا ۾ ٿيل حملن تي متاثر سان يڪجهتي جي پوسٽ لڳائڻ تي فلسطيني فنڪارا دلال ابو آمنه کي گرفتار ڪري ورتو.
دلال ابو آمنه جي وڪيل عبير بڪرڪي موجب دلال ابو آمنه جي مئنيجمينٽ اسٽاف طرفان گذريل هفتي ”الله کانسواءِ ڪو به غالب ناهي“ جي پوسٽ لڳائي وئي هئي.
فلسطيني فنڪارا جي گرفتاري سومر جي ڏينهن ٿي ۽ مٿس الزام لڳايو ويو آهي ته هن سوشل ميڊيا تي غزا جنگ بابت اعتراض جوڳو مواد پوسٽ ڪيو آهي.
لا غالب إلا الله و علم فلسطين 🇵🇸 في منشور، سبب اعتقال اسرائيل للفنانة الفلسطينية #دلال_أبو_آمنة pic.twitter.com/IwyHqMhoxF
— ميسون عزام (@MayssounAzzam) October 17, 2023
عبير بڪر ٻڌايو ته سندس موڪلا کان اڃا تائين جاچ جاري آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ان بابت ڪو به باقاعدا سرڪاري اعلان سامهون ناهي آيو.
واضح رهي ته دلال ابو آمنه پاڻ يهوددي آبادڪارن طرفان پاڻ خلاف نفرت جوڳين ڪاررواين جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست به ڏني هئي.