وارهه: نينگري نازيو چنو جو ڪيس پوليس جي سست وريي سبب رولڙي جو شڪار

وارهه ۾ اجتماعي ڏاڍائي زيادتي بڻائڻ بعد فوت ٿي ويل نينگري نازيو چنو جو ڪيس پوليس جي سست رويي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو، نينگري جي وارثن احتجاج جو چتاءُ ڏيندي انصاف جي گھر ڪئي آهي.

نينگري جي پيءُ اختياري چنو، ڪيس جي فريادي الطاف چنو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آهي ته ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڪيس جون قانوني گھرجون پوريون نه پيون ڪيون وڃن نه ئي جاچ رپورٽ مڪمل ٿي سگھي آهي،عدالت ۾ ڪيس سان گڏ ڊي اين اي ،۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ به شامل نه ڪيون ويون آھن.

هنن چيو ته پوليس جي رويي مان تنگ اچي ويا آھيون ٻن مهينن کان پوليس عملدارن  ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون،شروعاتي جاچ ۾  پوليس جي غفلت سبب ڊي اين اي جا سيمپل اٺ ڏينهن بعد ليباريٽري موڪليا ويا، جن جي رپورٽ اڃان تائين ظاھر نٿي ڪئي وڃي ، باڊي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ باوجود عدالت ۾ جمع نه ڪرائي وئي آھي.

هنن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.