لکي غلام شاهه سول اسپتال جي عملي ايم ايس تي مبينا تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ڪيو آهي.
عملي سول اسپتال جي ايم ايس خادم حسين ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڊاڪٽر احسان الله شيخ, ڊاڪٽر فياض احمد ۽ ٻين چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس سول اسپتال جي ايم ايس تي تشدد ڪندڙ ۽ ڀتو گھرندڙ جوابدار زيب جوکيو ۽ اعجاز منگي کي گرفتار ناهي ڪيو.
هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.