نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ هوائي حملن جو شڪار معصوم فلسطينين جي حمايت تي اسرائيل ناليواري آمريڪي ماڊل جيجي حديد کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون.
جيجي حديد فلسطين ۾ انساني الميي تي سخت موقف ڏيندي اسرائيلي حڪومت جي وحشياڻين ڪاررواين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي مادل واضح لفظن ۾ لکيو ته جيئن اسرائيلي حڪومت جي ڪاررواين سان يهودين جو ڪو واسطو ناهي، ائين اسرائيلي حڪومت تي تنقيد کي يهود مخالف نٿو چئي سگھجي ۽ فلسطين جي حمايت حماس جي حمايت ناهي.
اسرائيلي حڪومت جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ آمريڪي ماڊل کي سخت جواب ڏيندي لکيو ته هوءَ يهودي ٻارن جي موت تي اکيون ڇو ڦيرائي رهي آهي.
View this post on Instagram
سرڪاري اڪائونٽ وڌيڪ لکيو ته جيجي حديد جي خاموشي ٻڌائي ٿي ته هوءَ ڪنهن سان گڏ آهي ۽ اسرائيل آمريڪي ماڊل کي نه ڇڏيندو.