ٻن پاڪستاني ڀينرن جي فلسطينين لاءِ 50 تولا سون ۽ ٻه لک رپيا روڪ رقم امداد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي بي رحماڻي ڪارروائين کانپوءِ اتي امداد جي سخت ضرورت آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ 2 ڀينرن انسانيت جي ناطي فلسطينين جي مدد لاءِ پنهنجو 50 تولو سون ۽ 2 لک رپيا روڪ الخدمت فائونڊيشن حوالي ڪري ڇڏيا.
الخدمت فائونڊيشن موجب ٻنهي ڀينرن پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪندي 50 تولا سون ۽ 2 لک رپيا روڪ رقم الخدمت فائونڊيشن اسلام آباد جي صدر حامد اطهر ملڪ حوالي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.