28 سالن جي نوجوان ناري 70 سالن جي پيرسن سان پسند جي شادي ڪرڻ بعد پريشاني ۾ مبتلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اهو چيو ويندو آهي ته پيار انڌو هوندو آهي حقيقت ۾ اهو ڏسڻ لاءِ گهٽ ملندو آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي جوڙي ٿرٿلو مچايو آهي جنهن ۾ هڪ 28 سالن جي ناري 70 سالن جي پيرسن شخص سان پسند جي شادي ڪئي آهي پر اها شادي هن لاءِ خوشي نه پر پريشاني جو سبب بڻجي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب پنهنجي عمر جي واضح فرق سان بحث جو موضوع بڻيل هي جوڙو ڏاڏو ۽ پوٽي لڳن ٿا.

28 سالن جي جيڪي ۽ 70 سالن جي ڊيو جي عمر ۾ 42 سالن جو فرق آهي.

ٻئي گذريل 7 سالن کان زال مڙس جي طور تي هڪ ٻئي سان گڏ آهن.

ٻنهي وچ ۾ عمر جو فرق ماڻهن کي خبر پئي ته سڀ دنگ ٿي ويا.

رپورٽن موجب تقريبن ست سال اڳ جڏهن ڊيو فلپائين ويو هو تڏهن اتي ڊيٽنگ ايپ ذريعي سندس ملاقات اتي رهندڙ جيڪي سان ٿي هئي.

جيڪي ان وقت رڳو 21 سالن جي هئي ۽ ڊيو 63 سالن جو هو.

ٻنهي کي هڪ ٻئي سان پيار ٿي ويو ۽ جيڪي پنهنجي عاشق ڊيو سان رهڻ لاءِ آمريڪا پهچي وئي.

شادي بعد ٻئي خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندا رهندا پر کين ٽرولنگ جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪي رڳو پيسو ڏسي ڊيو سان شادي ڪئي آهي پر ان حوالي سان جيڪي جو چوڻ آهي ته هو ڊيو سان سچي محبت ڪري ٿي ۽ ڪيترائي ڀيرا ٽرول ڪرڻ وارن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي آهي.

هن چيو ته کڻي عمر جو فرق اهي پر ان سان ڪو فرق نٿو پوي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.