ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ عام چونڊن بابت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبر پختونخواهه جي ميمبرن شرڪت ڪئي، گڏوگڏ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد فخر عالم، آءِ جي سنڌ رفعت مختار به شريڪ ٿيو.
اجلاس دوران عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ اسپيشل پلان جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
هن چيو ته چونڊن کي صاف شفاف بڻائڻ لاءِ آرمي ۽ رينجرز جي مدد به ورتي ويندي.
اجلاس دورن آءِ جي سنڌ رفعت مختار ٻڌايو ته سنڌ پوليس طرفان سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، عام چونڊن ۾ هڪ لک 10 هزار 334 پوليس اهلڪار فرض انجام ڏيندا.
You might also like