ڪيمبرج (ويب ڊيسڪ) سائنسدان هڪ اهڙي جديد بيٽري تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن کانپوءِ سمارٽ فون واهپيدارن کي هر هر چارجنگ جي ضرورت نه پوندي.
ڪيمبرج يونيورسٽي جا سائنسدان هڪ اهڙو مائڪرو چپ تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪا ڊوائيسز ۾ ايتري اثرائتي انداز ۾ هلي سگهي ٿي جو فون کي مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
برطانيا جي ٽيڪ منسٽر پال اسڪلي جو چوڻ هو ته سيمي ڪنڊڪٽرز جديد دنيا جو بنياد آهن ۽ برقي گاڏين کان وٺي مرضن سان وڙهڻ تائين هر شيءِ لاءِ ضروري هوندا اهن.
وائري جي مائڪرو چپ جيڪا سمارٽ فونز جي بيٽري وقت کي بهتر ڪري سگھي ٿي، ڪيمبرج يونيورستي جي رياضي جي محققن جو خيال آهي ته اهو خيال سليڪون چپ پروسيسر جي اهڙي ڊزائين تي ٻڌل آهي جنهن کي هلڻ لاءِ تقريبن زيرو توانائي جي ضرورت هوندي جنهن جو مطلب آهي ته بهتري بيٽري جي ضرورت پوندي.
اها چپ موجودا ڊوائيسز کان 100 ڀيرا وڌيڪ ننڍي آهي.
Next Post
You might also like