اڄ خبر پئي آهي ته فلسطين آزاد ۽ ٻيا مسلمان ملڪ يهودين جي قبضي ۾ آهن: حنا خواجه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر پاڪستاني اداڪارا حنا خواجه اسرائيلي طرفان فلسطين تي ڪيل بربريت تي اسلامي ملڪن جي خاموشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي فلسطين تي ٿيندڙ ظلمن بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي.
اداڪارا شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ته 75 سالن کان پڙهايو ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته فلسطين تي يهودين جو قبضو آهي، ٻيا اسلامي ملڪ آزاد آهن پر هاڻي خبر پئي آهي ته رڳو فلسطين آزاد آهي ٻين اسلامي ملڪن تي يهودين جو قبضو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Hina Bayat (@hinakhwajabayatofficial)

اداڪارا پنهنجي ان پوسٽ جي ڪيپشن ۾ قرآن پاڪ جي آيو به شيئر ڪئي ۽ دعا گھرندي لکيو ته اي الله اسان سڀني جا گناهه معاف ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.