اسرائيلي ڪارروائين تي ڳڻتيءَ جو اظهار، فلسطين جي حمايت جاري رکنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊڙز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن غزا ۾ اسرائيل جي طاقت جي استعمال سان معصوم شهرين جي جاني نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ 260هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي، فلسطين مسئلي جي پائيدار حل ۽ مسلمانن جي مقدس هنڌن تي غير قانوني قبضي جي خاتمي لاءِ اصولي موقف جي حمايت جاري رکنداسين.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم غزا ۾ اسرائيل جي طاقت جي استعمال سان معصوم شهرين جي جاني نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
ان سان گڏوگڏ آرمي چيف پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين جي باعزت ۽ محفوظ واپسي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
هن پهرين نومبر کان سڀني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪندي سندن باعزت ۽ محفوظ طريقي سان واپسي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
فورم غير قانوني معاشي گرمين خلاف جاري ڪارروائين جو به جائزو ورتو، شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومت کي معيشت جي بحالي جي قدمن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.