آمريڪي صدر اسرائيل دوري جي تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيدن اسرائيل دوري جي تصديق ڪري ڇڏي.
ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ جو بائيڊن چيو ته حماس جي دهشتگرد حملي جي خلاف يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسرائيل ويندس ۽ اسرائيل جي دوري کان پوءِ اردن جو سفر ڪندس جيڪو سنگين انساني ضرورت کي منهن ڏيڻ ۽ اڳواڻن سان ملاقاتن لاءِ هوندو.
آمريڪي صدر چيو ته حماس فلسطينين جي خود اراديت جي حق لاءِ نه بيٺي، ڪجهه بنيادي قدر آهن جيڪي اسان کي آمريڪين جي طور تي گڏ ڪرڻ گھرجي، انهن بنيادي قدرن ۾ نفرت، نسل پرستي، تعصب ۽ تشدد جي خلاف بيهڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته نفرت جون ڪارروايون اسان جي بنيادي قدرن جي خلاف بيٺل آهن ۽ آمريڪا ۾ نفرتن لاءِ ڪا به جاءِ نهاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.