ورلڊ ڪپ ڪواليفائر:پاڪستان ڪبوڊيا کي هارائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان فٽبال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ڪوالفائينگ رائونڊ ۾ ڪمبوڊيا کي شڪست ڏئي پهرين ڀيرو ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد جي جناح اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ پاڪستان ڪمبوڊيا کي 0-1 تان شڪست ڏني، پاڪستان طرفان واحد گول 69 هين منٽ ۾ هارون حامد اسڪور ڪيو.

197 هين رينڪ تي موجود پاڪستاني ٽيم ڪڏهن به ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ ناهي کٽي هئي.

ان موقعي تي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، بين الصوبائي معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري احمد حنيف اوررڪزئي، بلوچستان جي راندين وارو وزير جمال رئيساڻي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ شعيب کوسو اسٽيڊيم ۾ موجود هئا.

پاڪستان جي شاندار ڪاميابي تي جناح اسٽيڊيم هزارين تماشائين فتح جو جشن ملهايو.

پاڪستان پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ پاڪستان فٽبال ٽيم جو مقابلو سعودي عرب، تاجڪستان ۽ اردن سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.