ڪراچي: پوليس آفيسر کي پوڇو لڳائڻ جي سزا تي ساٿي آفيسر اعليٰ عدالت پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقامي عدالت طرفان پوليس آفيسر کان عدالت ۾ پوڇو لڳرائڻ جي سزا خلاف پوليس آفيسر اعليٰ عدالت پهچي ويا.
جڊيشل مئجسٽريٽ ويسٽ طرفان پوليس آفيسرن کي انوکيون سزائون ڏيڻ خلاف لاڳاپيل پوليس آفيسر پنهنجي ضلعي سربراهه سان گڏ سيشن جج ويسٽ جي عدالت ۾ پيش ٿي ويا.
ايس ايس پي ويسٽ سان گڏ متاثر پوليس اهلڪارن سيشن جج جي عدالت ۾ پاڻ سان پيش آيل واقعن بابت بيان قلمبند ڪرايا.
ڊي ايس پي سرجاڻي ٽائون طاهر خان، ايس ايڇ او سرجاڻي ٽائون امجد ڪياني، ايس آءِ او سرجاڻي ٽائون طارق خالد ۽ پوڇو لڳائيندڙ آفيسر سهيل احمد سيشن عدالت کي مقامي عدالت جي سزا خلاف شڪايت داخل ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.