مهانگائي، معاشي مسئلن ۽ ٻين سببن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ لاڳيتو نائين ٽي ماهي دوران گھٽتائي ٿي آهي.
ڪائونٽر پوائنٽ رسرچ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2023ع دوران سمارٽ فونز جي وڪري ۾ گذريل سال جي انهيءَ عرصي جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اپريل کان جون جي ڀيٽ ۾ ٽين ٽه ماهي دوران سمارٽ فونز جي وڪري جي شرح ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن جو امڪاني سبب سيپٽمبر ۾ آءِ فون 15 سيريز کي متعارف ڪرائڻ آهي.
ان عرصي ۾ سام سنگ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪرو ڪندڙ ڪمپني رهي جنهن جو مارڪيٽ شيئر 20 سيڪڙو رهيو جڏهن ته اپيل 16 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان ٻي وڏي ڪمپني رهي.
ٽي چيني ڪمپنيون به سڀ کان وڌيڪ فونز وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿان 5 ڪمپينين ۾ شامل آهن.
جولاءِ کان سيپٽمبر دوران اتر آمريڪا، يورپ ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ نمايان گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ته وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ ڊوائيسز جي گھرج ۾ اضافو ٿيو.
رپورٽ موجب 2023ع ۾ سمارٽ فونز جي وڪري جي حوالي سان هڪ ڏهاڪي دوران بدترين سال ثابت ٿيڻ وارو آهي.
ان کان 2020ع ۾ ڪورونا وائرس جي وبا دوران سمارٽ فونز جي گھرج ۾ نمايان گھٽتائي آئي هئي پر 2021ع ۾ حالتون ڪنهن حد تائين بهتر ٿي ويون هيون.
Prev Post
You might also like