اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي 25 سال سروس مڪمل ٿيڻ تي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ ڏيڻ جي آپشن جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي کاتي پي اينڊ پينشن ڪميشن جي هدايت تي اهو فيصلو ڪيو آهي.
ڪميشن طرفان ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي وئي هئي ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي 25 سال سروس مڪمل ٿيڻ تي ريٽائرمينٽ وٺڻ جو آپشن ڏيڻ گهرجي.
رپورٽ موجب ناڻي ڊويزن جي فيصلي تحت جيڪي وفاقي ملازم 25 سال سروس مڪمل ٿيڻ تي ريٽائرمينٽ وٺندا انهن کي ريٽائرمينٽ جي سال کان ريتائرمينٽ جي عمر تائين پينشن ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو.
حڪومت طرفان ريتئارمينٽ جي وقت پينشن جي ڪلڪيوليشن بابت تجويزن جي منظوري جو امڪان آهي.
اها تجويز به پي اينڊ پينشن ڪميشن طرفان ڏني وئي آهي.