ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻا ماڻهو اهڙا اکر لکندا آهن ڄڻ ماڪوڙا ٺهيل هجن، انهن کي پڙهڻ به ڏکيو هوندو آهي ۽ رڳو اهي ئي سمجهي سگهندا آهن جن اهي اکر لکيا هوندا آهن.
پر ماهر چون ٿا ته اهڙا ماڪوڙا ڇاپيندڙ ماڻهن ۾ خاص ڳالهيون هونديون آهن.
ماهرن موجب اهڙي هينڊ رائيٽنگ وارا ماڻهو انفراديت پسند هوندا آهن ۽ ان قسم جو ليکڪ عام طور تي هڪ آزاد مفڪر هوندو آهي.
خراب اکرن وارا تخليقي به هوندا آهن، خراب لکڻ گهٽ عقل جي نشاني بلڪل ناهي ان لاءِ اوهان ڪنهنجي لکائي سان ان جي شخصيت کي نٿا ڀيتي سگهو، اهي بهترين صلاحتن وارا هوندا آهن.