ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نبيل گبول چيو آهي ته مان عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان کي لائيو ٽي وي شو ۾ شادي جي آڇ ڪئي هئي.
پنهنجي بيان ۾ نبيل گبول چيو ته مان اڄ به ريحام خان کي چوان ٿو ته توهان کان وڏي غلطي ٿي ۽ هوءَ به مڃي ٿي ته جيڪڏهن منهنجي شادي جي آڇ قبول ڪري ها ته عمران خان جي هٿ نه چڙهي ها.
هن چيو ته سڀ ڇوڪريون امير ۽ مشهور مردن سان شادي ڪرڻ چاهينديون آهن، خالي کيسي واري مرد کي زهر کائي مرڻ گهرجي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان پنهنجي ٻارن کي چوندو آهيان ته جيڪا مون کي پسند ايندي آهي اها منهنجي ٿي ويندي آهي.
You might also like