غزا ۾ ظلم، ملائيشيا جو اسرائيل خلاف وڏو قدم

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) اسرائيل حامي موقف اختيار ڪرڻ تي ملائيشيا فرينڪفرٽ بڪ فيئر ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، ملائيشيا دنيا جي سڀ کان وڏي بُڪ فيئر مان پنهنجو نالو واپس وٺي ڇڏيو.
ملائيشيا دنيا جي سڀ کان وڏي بڪ فيئر ۾ شرڪت کان ان وقت انڪار ڪيو، جڏهن ادبي انجمن ”لٽ پروم“ اعلان ڪيو ته ان اسرائيل تي حماس جي حملن کانپوءِ فلسطيني مصنفه عدنيه شبلي جي ناول لاءِ ايوارڊ تقريب کي ملتوي ڪري ڇڏيو.
بڪ فيئر انتظاميا فيس بُڪ تي لکيو ته هو هن سال ڪتابي ميلي ۾ يهودي ۽ اسرائيلي آوازن کي خاص طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
ان حوالي سان ملائيشيا جي تعليم واري وزير فضلينه صديق چيو ته انتظاميا جي اسرائيل نواز موقف سبب فرينڪفرٽ بڪ فيئر ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته اهو فيصلو ملائيشيا جي حڪومتي پاليسي سان هم آهنگ آهي، جيڪو فلسطين سان يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.