ورلڊ ڪپ: آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ گرين شرٽس جي مداحن لاءِ بُري خبر

بئنگلور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي شهر بئنگلورو ۾ آسٽريليا خلاف گرين شرٽس جي اهم مقابلي کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽر عبدالله شفيق بخار جو شڪار ٿي ويو آهي.

ٽيم ذريعن موجب، ان کان اڳ فخر زمان گوڏي جي سور، شاهين آفريدي ۽ اساما مير بخار ۾ مبتلا هئا جيڪي هاڻ صحتياب ٿي چڪا آهن.

ذريعن موجب، ريڪور ٿيڻ وارن رانديگرن کي آسٽريليا خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.

ٽيم ذريعن جوچوڻ آهي ته جن رانديگرن کي بخار هو سندن پروٽوڪول تحت طبي معائنو ڪيو ويو، پروٽوڪول تحت بخار جي علامت تي پليئرز جا ڪورونا ۽ ڊينگي ٽيسٽ به ٿيا.

ٽيم ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم ۾ پليئرز جي صحت بابت ڳڻتي جوڳي ڪائي ڳالهه نه آهي.

ياد رهي ته آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ويهه آڪٽوبر تي جمعي جي ڏينهن پاڪستان پنهنجي اهم ميچ آسٽريليا خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.