مدئجي: جوڻيجا ڪلهوڙا تڪرار تان پنج ڄڻا قتل

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ۾ جوڻيجا ڪلهوڙا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جهيڙي جي نتيجي هڪ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا آهن.
مدئجي ڀرسان تاجوديرو جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جو پراڻو تڪرارهڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
جهيڙي دوران فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرز جي استعمال سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
مارجي ويلن ۾ سکان،نياز، عبدالڪريم جوڻيجو، نظر محمد جوڻيجو ۽ نادر ڪلهوڙو شامل آهن.
علائقي ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.