عالمي بئنڪ پاڪستان کي 15 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ راضي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي 15 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
دستاويز موجب پاڪستان کي توانائي سيڪٽر منصوبي لاءِ 13 ڪروڙ 50 لک ڊالر قسط طور ملندا، جڏهن ته عالمي بئنڪ پاڪستان کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر گرانٽ طور به فراهم ڪندي.
دستاويز موجب منصوبي جو مقصد توانائي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ تحفظ آهي، منصوبي تي عملدرآمد سان سالياني 291 ارب 65 ڪروڙ رپيا بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
ان کانسواءِ توانائي شعبي ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي به هٿي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.