ايران جي اسرائيل خلاف ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪارروائي جي وارننگ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل خلاف ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪارروائي جي وارننگ ڏئي ڇڏي.
ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان چيو ته غزا ۾ اسرائيل جي ڏوهن تي چپ نه ويهنداسين، تنهن ڪري مزاحمتي محاذ جو حملو ممڪن آهي ۽ ايران جو پاڻ جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جو امڪان به خارج نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته اسرائيل تي غزا تي جارحيت جاري آهي، جنهن دوران مسلسل بمباري جي نتيجي ۾ 2800 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.