مسلسل 28 ڏينهن قدر وڃائڻ کانپوءِ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ڪريڪ ڊائون سبب رپئي جو قدر 11 سيڪڙو بهتر ٿيڻ کانپوءِ 28 ڏينهن ۾ پهريون رپيو ڪمزور ٿيو، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي پر اوپن مارڪيٽ ۾ ان جو ريٽ برقرار رهيو.
ملڪ ۾ 3 سالن کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ واڌ جو 28 ڏينهن ڊگهو تسلسل ڏٺو ويو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ان کان اڳ 2020 ۾ ڪورونا کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ واڌ جو تسلسل 22 ڏينهن تي ٻڌل هو.
گذريل 28 ڏينهن دوران رپيو استحڪام جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو هو، اڱاري ڏينهن به انٽر مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ڊالر جو قدر گهٽ رهيو، هڪ موقعي تي ڊالر جو قدر هڪ رپيو 23 پئسا گهٽتائي سان 275 رپين 60 پئسن جي سطح تي اچي ويو.
پوءِ ڊالر جو قدر وڌيڪ گهٽجڻ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ هڪ موقعي تي ڊالر 34 پئسا واڌ سان 277 رپين 20 پئسن تي اچي ويو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌ سان 277 رپين 3 پئسن جي سطح تي بند ٿيو.
ان جي ابتڙ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر بنا ڪنهن تبديلي جي 277 رپين تي مستحڪم رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.