سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سٺي خبر، اهم رانديگر تان پابندي ختم

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ڪجهه هفتا اڳ سڊني عدالت پاران آجو قرار ڏنل سريلنڪن ڪرڪيٽر دانشڪا گوناٿيلاڪا تان مڪمل طور پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب، دانشڪا آسٽريليا ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو ۽ سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪميٽي فوري طور ڪرڪيٽر تان پابندي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني.

سريلنڪن ڪرڪيٽ موجب، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪٽيو ڪميٽي تجويز منظور ڪري ورتي آهي.

ياد رهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽر داشن گوناٿيلاڪا جي گرفتاري تي جاج لاءِ انڊيپينڊنٽ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، ڪرڪيٽر  مٿان نومبر 2022ع ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.