اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي.


ذريعن موجب، مرحومه ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، سندس لاڏاڻي جو اطلاع شاهد آفريدي جي ڀاءَ مشتاق آفريدي سوشل ميڊيا تي ڏنو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن شاهد آفريدي بيمار ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن کان دعا جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.