ورلڊ ڪپ: آسٽريليا خلاف اهم مقابلو، پاڪستان ٽيم ۾ ڦيرڦار  جو امڪان

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ويهه آڪٽوبر جمعي جي ڏينهن پاڪستان پنهنجي اهم ميچ آسٽريليا خلاف کيڏندو.

ذريعن موجب، ڀارتي شهر بئنگلورو ۾ آسٽريليا خلاف گرين شرٽس جي اهم مقابلي کان اڳ اوپنر فخر زمان ۽ ليگ اسپنر اساما مير مڪمل فٽ ٿي ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان گوڏي جي سور ۽ اساما مير بخار ۾ مبتلا هو ٻئي هاڻ صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ ٻنهي رانديگرن کي آسٽريليا خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي شهر بئنگلورو ۾ موجود پاڪستاني ٽيم گذريل ڏينهن آرام ڪيو، ڪجهه رانديگرن هوٽل ۾ جِم ٽريننگ پڻ ڪئي.

ياد رهي ته ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان هنيئر تائين 3 ميچون کيڏي چڪو آهي جنهن ۾ نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا خلاف ڪاميابي جڏهن ته ڀارت خلاف ست وڪيٽن تان ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.