مڪي آرٿر جو پاڪ-ڀارت ميچ بابت بيان، آءِ سي سي جو ردعمل اچي ويو

دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ بابت بيان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر جي بيان جو جائزو وٺندو، جنهن هن ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي مقابلي کي ڀارتي بورڊ جي ٻه مُلڪي سيريز قرار ڏنو هو.

آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي جو چوڻ آهي ته هو جيڪو به ايونٽ ڪرائيندا آهن، سدائين ڪٿان نه ڪٿان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، هو سدائين شين کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

هن چيو ته اڃا ايونٽ شروع ٿيو آهي، اڳتي ڏسو ته شيون ڪئين هلن ٿيون، هو جائزو وٺندو ته ڇا بهتر ڪري سگهجي ٿو.

گريت بارڪلي اِهو پڻ چيو ته هو مطمئن آهي ته هي هڪ غيرمعمولي عالمي ڪپ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.