واٽس ايپ پاس ڪيز فيچر استعمال ڪئين ڪجي؟

واٽس ايپ ويجهڙائي وارن سالن دوران اڪائونٽ سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي لاءِ ڪيئي فيچرز متعارف ڪرايا آهن.

ميٽا جي ملڪيت ايپ ۾ هڪ ٻئي بهترين فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو اڪائونٽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيندو.

واٽس ايپ طرفان اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ پاس ڪيز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.

واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اينڊرائيڊ واهپيدارن کي هاڻ ڊگها پاس ورڊ ياد رکڻ جي ضرورت ناهي.

پاس ڪيز بنيادي طور ڊجيٽل ڪيز آهن جيڪي استعمال ڪرڻ ۾ سوليون ۽ وڌيڪ محفوظ هونديون ڇو ته اِهي ڪنهن ويب سرور تي اسٽور نه هونديون.

ڊگهن پاس ورڊن بدران اِها ٽيڪنالاجي چئن اکرن تي ٻڌل پن ڪوڊ يا بائيو ميٽرڪ تفصيلن کي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، يعني ايس ايم ايس تي ٻڌل ٽو فيڪٽر authentication جي گهرج ختم ٿي ويندي.

واٽس ايپ کان اڳ گوگل طرفان به سمورن اڪائونٽس لاءِ پاس ڪيز کي سائن اِن ٿيڻ جو ڊيفالٽ طريقيڪار بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويوهو.

ڪمپني موجب، پاس ڪيز وارو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ سمورا واهپيدار ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

ان فيچر جي آزمائش ڊگهي عرصي کان بيٽا ورجن ۾ جاري هئي ۽ هاڻ اِهو فيچر باظابطا طور متعارف ڪرايو ويو آهي، فلحال اِهو فيچر آءِ او يس ڊيوائسز لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو.

اينڊرائيڊ فونز ۾ واٽس ايپ ۾ اِهو فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ سيٽنگز کي اوپن ڪريو.

سيٽنگز ۾ پاس ڪيز واري آپشن جي چونڊ ڪري Create a passkey تي ڪلڪ ڪريو.

ان کانپوءِ اسڪرين تي نظر ايندڙ هدايتن تي عمل ڪريو جنهن مطابق اوهان ڊيوائس جي اسڪرين لاڪ يا فنگر پرنٽ يا چهري کي پاس ڪي طور استعمال ڪري سگهندا.

فيچر استعمال ڪرڻ۾ لاءِ اوهان جو فون اينڊرائيڊ 9 هئڻ ضروري آهي يا ان کانپوءِ وارو آپريٽنگ سسٽم هجي جڏهن ته لاڪ اسڪرين کي ان ايبل ڪرڻ پڻ ضروري هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.